دک جي نه پڄاڻي آ

دُک جي نه پڄاڻي آ (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌ جي برک شاعر اياز گل جي چئن شعري مجموعن: توبن ڪهڙا ڇانورا، پيلا گل پلاند ۾، ڏينهن ڏٺي جا سپنا، سوچون سرها گل ۽ ڪجهه نئين شاعريءَ جو گڏيل شعري مجموعو آهي. هن ڪتاب ۾ غزل، وايون، نظم، گيت، بيت ۽ ٻيون صنفون شامل آهن. ڪتاب جو تفصيلي مهاڳ ناليواري شاعر، عالم ۽ دانشور تنوير عباسيءَ لکيو آهي، جنهن اياز گل جي شاعريءَ جو فني ۽ فڪري حوالي سان جائزو وٺي، سندس شاعراڻي مقام تي روشني وڌي آهي، جڏهن ته نامور شـاعـر شـيـخ ايـاز، امـداد حـسيـنيءَ، تـاج بلـوچ، آغـا سـليـم، هـري دلگيـر ۽ آسي زمينيءَ جا رايا پڻ ڪتاب ۾ ڏنا ويا آهن. ڪتاب جي آخر ۾ ڏسڻي شامل ڪئي وئي آهي، جنهن ذريعي شعرن کي صفحي وار ڳولڻ ۾ آساني ٿئي ٿي. ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي ناليواري ڪهاڻيڪاره نورالهديٰ شاهه جو تاثر ڏنل آهي. پڪي جلد سان ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب ۾ 467 صفحا آهن، جنهن جي قيمت 250 روپيا آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو روشني پبليڪيشن 1997ع ۽ ٻيو ڇاپو 2004ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو